اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اسپتال جي 37 ملازمن کي ڪورونا هيلٿ ??سڪ الائونس ڏيڻ جي حڪم جي توثيق ڪندي ??سڪ الائونس ڏيڻ جي لاءِ تازي سمري پي ايم سيڪريٽريٽ موڪلڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف قومي صحت خدمت و??ري وزارت جي اپيل رد ڪري ڇڏي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ري هيبلي ٽيشن مڊيسن (نِرم) ۽ فيڊرل گورنمينٽ سروسز اسپتال جي 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قرار ڏئي الائونس کان محروم ڪيو ويو هو، مقبول اح??د ۽ ٻين شڪايت ڪندڙن الائونس نه ملڻ تي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن جو موقف هو ته ا??ي ادارن جي سربراهن جي هدايت تي خطري جي باوجود ڪورونا وائرس جي وبا ۾ فرض سرانجام ڏيندا رهيا، ڪيترن ئي ملازمن کي ڪورونا ??سڪ الائونس ادا ڪيو ويو جڏهن ته ا??هن کي نان ٽي??ني??ل اسٽاف قرار ڏئي امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. شڪايت ڪندڙن موجب ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل ملازم هڪ جهڙي طور تي پنهنجي اسپتالن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندا رهيا. فيصلي موجب آگسٽ 2021ع ۾ وزارت وفاقي سرڪ??ري اسپتالن/ ادارن جي طبي عملي کي ڪورونا هيلٿ ??سڪ الائونس ڏيڻ جي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا، فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ اسلام آباد به فائدو کڻندڙن مان هڪ هو، 2020ع ۾ سمورن ملازمن کي ڪورونا ??سڪ الائونس ڏنو ويو جڏهن ته 2021ع ۾ 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قرار ڏئي الائونس کان محروم ڪيو ويو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل عملو هڪ جهڙي خطري و??ري ماحول ۾ ڪم ڪري ٿو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايجنسي جي باقي 37 ملازمن کي الائونس ڏيڻ جي سفارش ڪئي. صدر صحت و??ري وزارت جي اپيل بدانتظامي ثابت ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي آهي.