اسلام آباد- 21 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊا??، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي ايف بي آر ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وفاقي و??ير ان سلسلي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وفاقي و??ير اسحاق ڊا??، آرمي چيف جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته اهو واضح طور تي ٽيڪس جي معلومات جي مڪمل رازداري جي خلاف ورزي آهي جي??و قانون فراهم ڪندو آهي. ڪجهه غير ذميوارن طرفان ان سنگين ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي ناڻي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي هدايت ڪئي آهي ته هو ذاتي طور تي ٽيڪس قانون ۽ ايف بي آر جي ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ جي قيادت ڪري ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.