اسلام آباد- 18 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام ٻوڏ متاثر 2.8 ملين خاندانن ۾ ٽارگيٽ ڪيش رليف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت طرفان 316 ملين ڊالرن جي رقم انهن خاندانن ۾ ورهائجي چڪي آهي. اها ڳالهه هن اٽلي ۾ ورل?? فوڊ ??رو??رام (ڊبليو ايف پي) جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪستان کي 2030ع تائين غذائي تحفظ بابت هدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي 82 ضلعن ۾ تازي ٻوڏ سبب 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پاڪستان جي ??وڏ متاثر علائقن ۾ تقريبن 650000 ڳورهارين عورتن کي ويم جي خدمتن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مسئلا درپيش آهن، شازيه مري چيو ته تقريبن 4 ملين ٻار صحت جي خدمتن تائين پهچ کان محروم آهن، ورل?? فوڊ ??رو??رام جي ڪردار کي ساراهيندي وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايف پي ۽ بي آءِ ايس پي پاڪستان ۾ صحت ۽ غذائيت جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ 15 ضلعن ۾ ”مشروط ڪيش ٽرانسفر ??رو??رام“ ”نشو نما“ جوڙيو آهي، هي ??رو??رام بي آءِ ايس پي ڪفالت ??رو??رام ۾ پهرين کان داخل ٿيل ڳورهارين ۽ کير پياريندڙ عورتن کي هڪ جامع پيڪيج فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ ويم، کير پياڪ ۽ ننڍن ٻارن جي غذائيت ۽ صحت جي طريقن بابت آگاهي سيشن، پي ايل ڊبليو ۽ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ??ارن کي خاص غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي ??راهمي، وقت کان پيدائش ۽ پوءِ جي ??يدائش جي سارسنڀال جون خدمتون، ??عم??ل موجب ٻارن جي ??شو نما جي ??گراني ۽ حفاظتي ٽڪن جو ڪورس شامل آهي. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڊبليو ايف پي ۽ بي آءِ ايس پي ڪمرشلائيزيشن جي حڪمت عملي جي رول آئوٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، وڌيڪ ڊبليو ايف پي مستحقين کي بينظير نشو نما ??رو??رام کان ٻاهر ڪڍڻ جي حڪمت عملي تي پڻ ڪم ڪري رهي ته جيئن ڊبليو ايف پي کانسواءِ پڻ پاڪستان پنهنجي صحت جي ??ظام جي اندر اسٽنٽنگ جي روڪٿام لاءِ بهتر طور تي ڪم ڪري سگهي، هن چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ ايندڙ آفتن لاءِ بهتر حڪمت عملي لاءِ تيار آهي پر دنيا کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته هي وقت ڪنهن سان به پيش اچي سگهي ٿو، ڇو ته موسمياتي تبديلي هڪ خوفناڪ حقيقت آهي جيڪا سڀني کان وڌيڪ ڪمزور آبادي کي متاثر ڪندي آهي.