اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قدرن، امن ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي مقصدن تي ٻڌل يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي عا??مي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصيدار نه هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اميد آهي ته عا??مي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ موثر شرڪت جي ذريعي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون تيز ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪرائسز مئنيجمينٽ بابت يورپي ڪمشنر جينز لينار ڪيچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. و??ير??عظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري شديد ٻوڏ کانپوءِ يورپي يونين پاران امداد کي ساراهيو ۽ انهن کي ٻوڏ سان فصل، گهرن، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي ٿيندڙ نقصان ۽ 1600 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان جو عا??مي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عا??مي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ فعال شرڪت جي ذريعي ٻوڏ جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪندي. و??ير??عظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ و??ير??عظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي قيام سميت حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو. فلڊ ريليف فنڊ ۾ ملڪي ۽ عا??مي ذريعن سان عطيا جمع ڪرائي سگهجن ٿا. پاڪستان ۽ يورپي ملڪن جي اعليٰ سطح جي ر??بط?? تي اطمينان جو اظهار ڪندي و??ير??عظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون پنهنجي ٻطرفي واپاري ۽ سيڙپڪاري ر??بط?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون رهنديون ته جيئن 2023ع کانپوءِ به جي ايس پي پلس اسڪيم مان فائدو کڻي سگهجي.