اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف اڄ لنڊن کان آمريڪا پهچندو جتي هو گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان ج?? نمائندگي ڪندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم لنڊن ۾ ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت کانپوءِ نيويارڪ پهچندو. نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وز??راعظم جي ٻين ملڪن ج?? اڳواڻن اهم ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون. 20 سيپٽمبر تي وز??راعظم گڏيل قومن ج?? جنرل سيڪريٽري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. 20 سيپٽمبر تي وز??راعظم شهباز شريف جي فرانس جي صدر ايمانوئيل مينخوان سان ملاقات ٿيندي. 20 سيپٽمبر تي وز??راعظم شهباز شريف جي آسٽريا جي چانسلر ۽ اسپين ج?? صدر سان پڻ ملاقاتون ٿينديون. وز??راعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ٿيندي. وز??راعظم شهباز شريف گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين ج?? صدر ڪيو آهي. 21 سيپٽمبر تي وز??راعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرستالينا جورجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپس سان ملاقات ٿيندي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کانسواءِ ايران ج?? صدر سيد ابراهيم رئيسي سان پڻ وز??راعظم شهباز شريف جي ٻطرفي ملاقات ٿيندي. وز??راعظم شهباز شريف سان گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي صدر جي ملاقات ٿيندي. 21 سيپٽمبر تي وز??راعظم شهباز شريف آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وز??راعظم شهباز شريف 21 سيپٽمبر تي ترڪيه جي صدر ۽ سندس گهرواريءَ جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. وز??راعظم شهباز شريف جي فن لينڊ جي صدر سعالي نوسيتو سان ملاقات ٿيندي. 22 سيپٽمبر تي وز??راعظم شهباز شريف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ٿيندي. وز??راعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن ج?? جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿيندي. وز??راعظم جي چين ج?? وز??راعظم لي ڪي چيانگ، جاپان ج?? وز??راعظم فيوميو ڪاشيڊا، ليگزمبرگ جي وز??راعظم زيوئير بيٽل سان ملاقات ٿيندي. وز??راعظم شهباز شريف جي ملائيشيا جي وز??راعظم اسماعيل صابري يعقوب سان پڻ ملاقات ٿيندي. 23 سيپٽمبر تي وز??راعظم شهباز شريف گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. وز??راعظم جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان پڻ ملاقات ٿيندي. وز??راعظم دوري دوران ناليواري آمريڪي اخبار ۽ ميڊيا کي انٽرويوز پڻ ڏيندو.