اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪميشن ويو ۽ ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ملڪه برطانيا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن آنجهاني ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هاءِ ڪميشن ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پ??هن??ا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. سندس اچڻ تي برطانوي هاءِ ڪمشنر هاءِ ڪميشن جي ٻين آفيسرن سان گڏ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ هئي. ان کان اڳ وزيراعظم برطانوي وزيراعظم لز ٽروس کي پڻ خط لکيو هو ۽ شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪه ايلزبيٿ عوامي مفاد جي لاءِ پ??هن??ي خدمتن کانسواءِ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي علامت هئي. برطانيا ۾ 7 ڏهاڪن تائين سڀ ??ان ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ ملڪه ايلزبيٿ خميس ڏينهن 96 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.