اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل اهڙي موقعي تي دورو ڪري رهيو آهي جڏهن هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڪستان ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، ان جي دوري سان دنيا پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿي??دڙ تباهي کان بهتر طور تي آگاهه ٿي سگهندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار ??اء?? پاڪستان اچڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃون ٿا. ان جو دورو پاڪستان مان ٻوڏ متاثرين جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ??اء?? 160 ملين ڊالر جي فليش فلڊ اپيل جاري ڪئي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هي دورو موسمياتي تبديلين جي موذي اثرن جي نتيجن جو احساس ڏيارڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ٻوڏ ۽ ??در??ي آفتن ۾ ورتل غريب ملڪن جي مدد ??اء?? اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ وڌ??دڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.