اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته ملڪ کي درپيش بحرانن کي منهن ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سياسي قوتن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ضروري آه??، ان سلسلي ۾ کيس مثبت اڳڀرائي جي اميد آه??. نجي ٽيليويزن چينل ”جيو نيوز“ کي هڪ انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته هو سدائين سياسي قوتن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو حامي رهيو آه?? ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ پردي پويان رابطا ڪندو رهيو آه??. هن چيو ته آئون ان حوالي سان ڪا اڳڪٿي نه ڪندس پر اهو چئي سگهان ٿو ته آئون پراميد آه??ان، مثبت ڪوششون ڪارائتيون ٿابت ٿينديون. وقت کان اڳ چونڊن جي تڪرار جي حوالي سان صدر چيو ته سياسي قوتن جي وچ ۾ ات??اق راءِ پيدا ڪري ان مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي. ٻوڏ جي وسيع چئلينج تي ڳالهائيندي صدر چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سميت سمورا ادارا ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ ۽ ريليف ڏيڻ جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. هن چيو ته قومي معيشت ڪوويڊ 19، ٻوڏ، حڪومت جي تبديلي ۽ يوڪرين جي جنگ جي ڪري متاثر آه??. ايندڙ آرمي چيف جي مقرري بابت هڪ سوال تي صدر چيو ته ان معاملي کي تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف سان لاڳاپن بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته ان سان سٺا لاڳاپا آه?? جيئن ته ٻنهي جي وچ ۾ اڪثر ايڊوائيسز تي ات??اق راءِ ڏٺو ويو آه??. صدر چيو ته هن اوورسيز ووٽنگ، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ قومي احتساب بيورو جي بلز جي منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو آه?? ڇو ته خامين کي ختم ڪرڻ بدران پوري اداري کي ختم نه ڪرڻ گهرجي. صدر عارف علوي چيو ته هو آءِ ايم ايف معاهدي جي ڪاميابي تي خوش آه?? ڇو ته ان سان ٻين عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن کان فنڊنگ جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته معاشي استحڪام جي لاءِ پاليسين ۾ تسلسل ضروري آه??. ان سوال تي ته هو صدارتي يا پارلياماني نظام مان ڪنهن جي حق ۾ آه??، صدر چيو ته چونڊيل ماڻهو وڌيڪ اهم آه?? ڇو ته خراب ۽ سٺي وزيراعظم يا صدر ٻنهي جا مث??ل موجود آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمران خان جي غيرملڪي مداخلت جي الزامن جي جاچ جي نتيجن کي عام ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته هن وزيراعظم کي لکيل خط ۾ به ان تي زور ڏنو آه??. غيرملڪي فنڊنگ ڪيس بابت هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان هن پارٽي جي سپورٽرز کان ملندڙ فنڊنگ کي دستاويزي بڻائڻ جو مڪينزم متعارف ڪرايو هو.