اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ متاث??ين جي مدد لاءِ عالمي حصيداري?? سان اقتصادي معا??لن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز، چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن، گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي حصيدارن کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين وزيراعظم کي ورلڊ بئنڪ پاران 350 ملين ڊالر جي فوري امداد بابت آگاهه ڪيو. هن خصوصي طور تي وزيراعظم جي فلڊ ريليف ڪيش پروگرام کي ساراهيو. ورلڊ بئنڪ اها امداد هلندڙ هفتي جي آخر تائين مڪمل طور تي فراهم ڪندي. ان کانسواءِ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ نقصانن جي ڪاٿي کانپوءِ ٺوس من??وب??بندي سان پاڪستا?? سان ورلڊ بئنڪ پاران تعاون ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي ذيلي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ 110 ملين ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو جڏهن ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ 20 ملين ڊالر ۽ يو ڪي ايڊ 1.5 ملين پائونڊ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو. ان کانسواءِ يو ڪي ايڊ پاران ٻوڏ متاث??ين جي بحالي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن جي لاءِ 38 ملين پائونڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. عالمي تنظيمن جي نمائندن وزيراعظم شهباز شريف جي ٻوڏ متاث??ين جي فوري بحالي جي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت 25 هزار في خاندان امداد جي لاءِ عالمي ادارن پاران هن ئي هفتي امداد جي منتقلي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته عالمي ادارن ۽ تنظيمن جي مشڪل ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي مدد جي قدم جي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت ٻوڏ متاث??ين جي فوري ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ پنهنجي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل معاشي صورتحال ۾ هجڻ جي باوجود فلڊ ريليف ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، حڪومت ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ متاث??ين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي، ريسڪيو کانپوءِ حڪومت ٻوڏ متاث??ين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ڪم ڪندي.