ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جي ??يمبر مير سليم کوسا چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي ڀارتي فوج جي گهيري ۾ آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو سلسلو جاري ??هي. مودي سرڪار 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??انوني حيثيت تبديل ڪري معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري ??هي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏاهڙي جي ??وقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي اسيمبلي ميمبر مير سليم کوسا چيو ته تڪراري ??لائقي جي جاگ??اف??ائي حيثيت کي تبديل ڪرڻ، گڏيل قومن جي ??راردادن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ??ٿان هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن جيڪو انساني حقن جي تنظيمن جي ??اءِ پڻ سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري ??ي اخلاقي ذميواري ??هي ته ??ها ڪشميرين جي انساني ۽ سياسي حقن جي ??اءِ آواز اٿاري. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪشميري ??وام سان يڪجهتي ۽ انهن جي خودمختياري ??ي حق سان گڏ بيٺل آهي. بلوچستان جي عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويٺل آهي. عالمي اڳواڻن جي خاموشي ڀارت کي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ۽ ظلمن کي جاري ??کڻ جو جواز فراهم ڪري ??هي آهي. الله تعاليٰ ڪشميري ??وام کي انهن ??ي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.