اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو شه??د جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو شهيد کانسواءِ اڌوري آهي ۽ سندس شهادت سان پيدا ٿيندڙ خال نه ڀرجندو. وزيراعظم چيو ته بينظير ڀٽو شهيد پنه??جي نظريي تي دليراڻي طور تي ۽ سختي سان قائم ??هي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عط?? فرمائي.