اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي هيَت تبديل ٿي چڪي آهي، ان ۾ موبائيل جرنلز اهميت اختيار ڪري وئي آهي، موبائيل جرنلزم خبر جي نشر ۽ اشاعت کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه هن ا??فا??ميشن سروس اڪيڊمي ۾ موبائيل جرنلزم جي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ادارن پي ٽي وي، اي پي پي ۽ ريديو پاڪستان جي رپورٽرز کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 2018ع ۾ اس??ن ا??فا??ميشن سروس اڪيڊمي جو پورو نصاب جوڙي ڇڏيو هو. ا??فا??ميشن سروس اڪيڊمي کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي آفيسرن جي ورچوئل ٽريننگ ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موبائيل جرنلزم جي تربيتي ورڪشاپ ۾ عورتن جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي، عورتون ڪنهن به طرح مرد صحافين کان پٺتي نه آهن. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران عورت صحافين اس??ن جو ڀرپور ساٿ ڏنو، عورتن جي هر شعبي ۾ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته پريس ا??فا??ميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ موبائيل جرنلزم تي ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ 27 ۽ 28 مئي 2022ع تي ا??فا??ميشن سروس اڪيڊمي ۾ منعقد ٿيو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پرنسپل ا??فا??ميشن آفيسر مبشر حسن، ڊائريڪٽر جنرل ا??فا??ميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد، پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.