اسلام آب??د – 27 – اپ??يل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي و??ير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، حلف برداري جي ايوان صدر ۾ منعقد ٿي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس هڪ سادي ۽ پُروقار تقريب ۾ حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻي صدر ??صف علي زرداري، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سول ۽ فوجي عملدارن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سميت حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، سنڌ جي وڏي و??ير ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪابينا ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي وفاقي و??ير جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪابينا جي جوڙجڪ جي پهرين مرحلي ۾ 19 اپ??يل تي 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن حلف کنيو هو، ٻي مرحلي ۾ 22 اپ??يل تي وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ڪئي وئي هئي ۽ ڪابينا ۾ ٽي وفاقي و??ير ۽ هڪ مملڪتي و??ير کي شامل ڪيو ويو هو، ڪابينا ۾ پهرين ئي ٽن صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي.