اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) ??طر جي وزيراعظم شيخ خالد بن خليفه بن عبدالعزيز آل ثاني شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آه??. پ??هنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن وزيراعظم شهباز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آه??. پ?? ايم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهان سان دوستي پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ??طر ۽ پاڪستان ٻه ڀائر ملڪ آهن جن جي تاريخي دوستي گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي قائم آهي. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويجهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ پڪو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم شهباز شريف ??طر جي پنهنجي ه?? منصب جو ن??ڪ خواهشن تي جوابي خيرسگالي جي جذبن سان ٿورا پڻ مڃيا.