اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن خاص طور تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي اعليٰ تعليم جاري رکڻ ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ خصوصي تعليمي ٽولز متعارف ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو تعداد هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان حل ڪرڻ جي ضرورت ??هي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي اسلام آباد بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءُ قيوم ۽ يون??ور??ٽي جي سينئر انتظاميه شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر نوجوانن کي روزگار جي قابل هنر، خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت تي ٻڌل ڪورس جي ضرورتن تي زور ڏنو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي کي ملڪ ۾ گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ ??اص??اتي تعليم جي طريقن جي ذريعي پ??هنجي پ??چ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر يون??ور??ٽي جي انتظاميه تي زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ جديد ترين آءِ سي ٽي ٽولز کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي، ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي جي وائيس چانسلر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته گذريل ٻن سالن دوران علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي پ??هنجي ” ڊجيٽل ٽرانفارميشن پاليسي“ تحت پراڻي پئماني تي فني مداخلت جي ذريعي پ??هنجي آپريشن کي تبديل ڪيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهرين يون??ور??ٽي آهي جنهن اپليڪيشن جو هڪ جامع نظام شروع ڪيو جنهن يون??ور??ٽي جي سڀني تعليمي،انتظامي ۽ مالياتي عمل کي خودڪار ٺاهي ڇڏيو آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ته اداري ۾ هن وقت 12 لک کان وڌيڪ شاگرد آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 44 لک 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد مختلف شعبن ۾ گريجوئيٽس ڪري چڪا آهن، صدر يون??ور??ٽي پاران کنيل قدمن خاص طور تي اداري جي پ??چ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي وڌائڻ جهڙي قدمن کي ساراهيو.