اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان اچڻ تي سندس مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم عمران خان ??زيراعظم هائ??س اچڻ تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان ??وقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ازبڪ صدر جي مان ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ازبڪ صدر گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم عمران خان ??عزز مهمان سان ??فاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم سان ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو تعارف ڪرايو. ازبڪ صدر وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي بعد ۾ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفا علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ آڻيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. ازبڪ صدر جو پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ??چ ايشيائي رياستن سان ??نهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. شوڪت مرزايوف جو تازو دورو ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. ان کان اڳ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ??هتو ته وزيراعظم عمران خان ايئرپورت تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو. ان ??وقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ازبڪ صدر کي ٻا??ن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. ازبڪستان جو صدر پاڪستان جي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان ??لاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن.