اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت هڪ پرتشدد پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان علائقائي امن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو ۽ بالادستي جي ارادن جي ڪري ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون جي تنظيم (سارڪ) کي فعال ٿيڻ نه ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر ۾ سريل??ڪا جي بحريه جي ڪمانڊر وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن سان ملاقات ۾ صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ هڪ سنگين ڳڻتي جو سبب آهي ۽ بدقسمتي سان ڀارتي حڪومت ان کي نظرانداز ڪ??ي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سريل??ڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سريل??ڪا سان گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سياحت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ سريل??ڪا جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي تعاون ۽ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي وڏي صلاحيت آهي ڇو ته پاڪستان ۾ ٻڌمت جون ڪيتريون ئي جايون آهن ۽ سريل??ڪا جي ٻڌ ڀکشوئن کي مذهبي جاين جي سير جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. سيالڪوٽ واقعي جي مذمت ڪندي صدر سريل??ڪا جي هڪ شهري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي. صدر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ گوادر پورٽ جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائ?? سان گڏوگڏ خطي ۾ اقتصادي خوشحالي جو سبب بڻجندا. وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن مشڪلاتن ۾ سريل??ڪا جو ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن سريلنڪن شهري جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف حڪومت پاران ڪيل ڪارروائي کي پ?? ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.