اسلام آباد – 07 فيبر??ري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعو??ي عرب جي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ايوان صدر جي م??ڊيا ونگ موجب صدر سعودي گهرو وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي م??ڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. سعو??ي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي آزادي جي حوالي سان هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي حڪومت پنهنجي سزا پ??ري ڪندڙ قيدين جي آزادي تي مثبت انداز ۾ غور ڪندي. صدر ”روڊ ٽو مڪه“ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت ان جي توسيع ملڪ جي ٻين شهرن تائين ڪرڻ جي م??تظر آهي. هن او آءِ سي ۽ ايف اي ٽي ايف جي سطح تي اڻٿڪ حمايت سان گڏوگڏ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستان کي مالي مدد فراهم ڪرڻ تي سعو??ي عرب جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته ٻنهي م??ڪن افغانستان ۾ صورتحال تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها افغان عوام کي انساني تباهي کان بچائڻ جي لاءِ ضرورت جي لحاظ کان انهن جي مدد ڪري. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. سعودي گهرو وزير ٻڌايو ته ٻنهي م??ڪن جي ٽيڪنيڪل ٽيمن پاران پاڪستاني قيدين جي معاملي کي حل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن پاڪستان ۾ رهڻ دوران پنهنجي وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر 20 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي م??زباني ۾ سعو??ي عرب جي ڪردار ۽ تعاون ۽ خاص طور تي ڪورونا وبا دوران انهن سان انهن جي سُٺي سلوڪ کي ساراهيو.