اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسبين کي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين رسائي وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده قانون ۾ ترميم ڪري محتسب جي اداري کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، محتسب جا ادارا پنهنجو رڪارڊ ڊجيٽلائيز ڪن ۽ جديد ترين ٽيڪنال??جي جو استعمال يقيني بڻائين، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي ڪردار بابت آگاهي لاءِ ميڊيا مهم هلائي وڃي. ا??ڙن خي??لن جو اظهار هن ايوان ص??ر ۾ وفاقي محتسبين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.