اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري معيشت کي استحڪام ڏيڻ ۽ ترقي جي راهه تي ملڪ کي گامزن ڪرڻ جون ڪوششون متاثر ٿيون آهن، حڪ??مت انهن شعبن کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جن سان معاشي عمل کي فروغ ملي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سڌ??رن جي عمل کي تيز ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار جي قيادت ۾ حڪ??متي معاشي ٽيم وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ ان حوالي سان زميني حقيقتن کي سامهون رکندي حڪ??مت جي ترجيحن ??ي عملي جامعو پارائڻ جي حوالي سان حڪ??ت عملي تي بريفنگ ڏني.