اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪرونا وائرس بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ج??هن ۾ ڪرونا وائرس جي ڏس ۾ اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان چئلينج جي اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ بابت حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي رابطا ڪميٽي جو پنهنجي قيام کانپوءِ هيستائين اهو ڇهون ا??لاس آهي، اها ڪميٽي ڪرونا وائرس جي صورتحال تي غور جي لاءِ تازو ئي جوڙي وئي آهي