اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عو??ڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بيانيو ترقي يافته ۽ روشن پاڪستان جو بيانيو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي سرزمين تي بيهي دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي، صدر ٽرمپ جو بيان سفارتي حوالي سان انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد ۾ جاپان ڪراٽي ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ ڇهين جي ڪي نيشنل ڪراٽي ڪيمپ جي عن??ان سان ايجوڪيشن ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو.