اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چ??و آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي جي پي جي فاشسٽ حڪومت جي هٿان 126 ڏينهن ڊگهو ڪرفيو ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ والاريل ڪشمير جي عوام جي بنيادي حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايو??ن صدر ۾ سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چ??ئرمين ڊا??ٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.