اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان قيمتي گهڻ رخي ثقافتي ورثي جو مالڪ آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ گنڌارا تهذيب جي ورثي جا ڪيترائي آثار موجود آهن، حڪومت مذهبي زائرين ۽ سياحن کي هر ممڪ?? سهولتون ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، هو ٿائي لينڊ ??ي ٻڌ مذهبي اڳواڻ آريا وانگسو سان ڳالهيون ڪري رهيو هو جن??ن 15 رڪني وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.