اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود پراڻن مسئلن مان هڪ آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام عالمي برادري طرفان خودمختياري وارو حق ڏيارڻ جو واعدو پورو ٿيڻ جي ا?? به منتظر آهي، سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرڻ ??هرجي ۽ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ ??هرجن. هن اهڙن خي??لن جو اظهار گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.