اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جو هڪ طرفو قدم غيرآئيني ۽ گڏيل ??ومن جي قراردادن جي خلاف آهي، عالمي برادري ڪشميرين جي حقن لاءِ خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل ??ومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ پنه??جو ڪردار ادا ڪري. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ ”استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي حڪومت جو 5 آگسٽ 2019ع جو ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪ??ڻ جو هڪطرفو غيرآئيني ۽ گڏيل ??ومن جي قراردادن جي خلاف آهي، ڪشمير ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻ مڪمل ??يجنڊا آهي، گڏيل ??ومن ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته هن مسئلي جي حل لاءِ پنه??جو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ڪشمير جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن ۽ ڀارت جهڙي طرح ڪشميرين جي آزادي ۽ خودمختياري کي سلب ڪري ۽ ان جو استحصال ڪيو آهي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج ڪشمير جي گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي، م??ڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ وڏي انگ ۾ ڪشميري گم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير بابت خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل ??ومن جي قراردادن موجب انهن کي خودمختياري جو حق ڏيا??ڻ جي لاءِ پنه??جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سدائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ آخري دم تائين ڏيندا رهنداسين. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ڪشميرين جي انساني حقن ۽ انهن جي شخصي آزادي، احساسن ۽ جذبن جو خيال ڪري ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪ??ڻ جي غيرآئيني قدم کي واپس وٺي. هن چيو ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ڪمزور ٿيڻ واري نه آهي ۽ ان جي آزادي جي تڙپ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو.