اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ??حالي ۽ بجيٽ 23 -2022ع ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مسلم ليگ (ن) جي ??ڳوڻي دور وانگر فعال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم هائير ايجوڪيشن ڪميشن بابت منصوبابندي ۽ ناڻي واري وزارت کي هدايتون جاري ڪيون آه??، وزيراعظم هدايت ڪئي آه?? ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ??جيٽ ۾ گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ڪٽوتين اعليٰ تعليم تي منفي اثر وڌو آه??، ان عمل کي واپس ڪيو وڃي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ تعليمي پراجيڪٽس جي ??حالي تي ڌيان ڏنو وڃي، اعليٰ تعليم کي عالمي معيار تي هموار ٿيندي پروگرامز جي ??عداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ??جيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي وسيلن ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو وڃي. استادن ۽ شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيو وڃن.