اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شي?? محمد بن زيد النهيان سان شي?? خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شي?? خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي صدر شي?? محمد بن زيد النهيان سان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم سان گڏ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پا??ست??ن جو سفير افضل محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت سان پا??ست??ن جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شي?? خليفه بن زيد النهيان جي قيادت ۾ پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پا??ست??ن جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پا??ست??ن جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي تائين ياد رکندي. گڏيل عرب امارات جي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پا??ست??ن حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع تائين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.