اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذ??ر تارڙ چيو آهي ته گذريل ڇهن هفتن کان آئين سان جيڪو مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وفاقي ڪابينا واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي مداخلت يا اختيارن جو جهڪاءُ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ڪو آئيني عهديدار پنهنجي حدن کان تجاوز نه ڪري، ملڪ کي ڪنهن آئيني بحران طرف ڄاڻي واڻي ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اعظم نذ??ر تارڙ چيو ته گذريل ڇهن ستن هفتن کان پاڪستان جي آئين سان ڪجهه آئيني عهديدار جهڙي طرح جو سلوڪ ڪري رهيا آهن ان تي پاڪستان جي اعليٰ عدالتن بي مثال فيصلا جاري ڪيا، حڪومتون تبديليون ٿينديون رهنديون آهن پر اهڙي صورتحال ڪڏهن پيدا ناهي ٿي، بدقسمتي سان هن ڀيري هڪ روش اختيار ڪئي وئي آ??ي ته هر شيءَ قانون ۽ آئين کان هٽي ڪري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اڄ ڪابينا پنجاب جي گورنر جي معاملي ??ي تفصيلي ??ور ڪيو، ڪابينا ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي آ??ي، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ (ف)، ايم ڪيوا يم، بي اين پي، اي اين پي، مسلم ليگ (ن) سميت سمورين پارٽين ان معاملي ??ي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي خدشن جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم جي آئيني ايڊوائيس جيڪا آرٽيڪل 101 ۽ آرٽيڪل 48 جي تابع آهي، صدر ان تي عمل نه ڪيو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي موڪليل ايڊوائيس جي توثيق ڪئي ۽ ان جي منظوري ڏني ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي آئين تحت حاڪميت الله تعاليٰ جي آ??ي ۽ رياست پاڪستان جا حڪومتي ۽ رياستي معاملا عوام جي چونڊيل نمائندن کي وزيراعظم ۽ ڪابينا تحت استعمال ڪرڻا هوندا ??هن. قانون واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي مداخلت يا اختيارن جو جهڪاءُ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ڪو آئيني عهديدار پنهنجي حدن کان تجاوز نه ڪري، ملڪ کي ڪنهن آئيني بحران طرف ڄاڻي واڻي ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪابينا ۾ اهو به طئي ٿيو ته ان معاملي ??ي قومي اسيمبلي ۾ به بحث ڪيو ويندو ۽ سموريون پارٽيون ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪنديون، ان حو??لي ??ان قومي اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد پڻ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪابينا وزيراعظم جي فيصلن جي پاڪستان جي آئين تحت نه رڳو توثيق ڪئي پر پنجاب ۽ مرڪز ۾ خاص طور تي پنجاب جي گورنر ۽ صدر جهڙي طرح آئين جي حو??لي ??ان پنهنجي اختيارن جو نه رڳو ناجائز استعمال ڪيو پر آئين شڪني جا مرتڪب ٿيا ان جي لاءِ به پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اڳتي جي حڪمت عملي ??ي مشاورت جاري آ??ي، ان جي لاءِ قانوني ۽ سياسي مشاورتي عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي.