اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته چين، مسلمان امت سان لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان هڪ بيان ۾ هن ??يو ته انشاءَ الله او آءِ سي ڪانفرنس ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي. پاڪستان جا حاسد او آءِ سي ڪانفرنس ڪامياب ٿيندي نه ٿا ڏسڻ چاهين. شاهه محمود قريشي ??يو ته ڀارت اڃا به او آءِ سي ڪانفرنس ڪرڻ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڏينه?? رات ڪوشش ڪري رهيو آهي. الله جي مدد شامل آهي انشاءَ الله او آءِ سي ڪانفرنس ضرور ڪامياب ٿيندي. ڀارت کي خدشو آهي ته پاڪستان ان ڪانفرنس م ڪشمير مسئلي کي اٿاريندو. هن ??يو ته اسان کي هن ڪانفرنس ۾ مسلمان امت جو ڌيان ڪشمير جي خراب ٿيندڙ صورتحال طرف ڇڪرائڻو آهي. بلاول ڀٽو کي او آءِ سي ڪانفرنس جي اي??نڊا کي خبر نه آهي. ڪشمير جي مسئلي کي هن ڪانفرنس ۾ جيڪا اهميت ڏني ويندي اها ماضي کا?? مختلف هوندي. شاهه محمود قريشي ??يو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيني پرڏيهي وزير او آءِ سي ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. چين مسلمان امت سان لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو.