اسلام ??باد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو ملڪ آهي جيڪو هندوئن، عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي جتي اهي سمورا ماڻهو پر??من طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اقليتن کي بدترين مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت درپيش آهي جيڪو افسوس جوڳو آهي، اسان جي حڪوم?? اسلام ??ي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعا??مي?? ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ملندڙ پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان ڪينٽربري جي آرچ بشپ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي برداشت ۽ مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ تعلق جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو ملڪ آهي ۽ اهو هندوئن ۽ عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي ۽ اهي سمورا ماڻهو هتي پر??من طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي بدترين قسم جي مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت جو نشانو بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم آرچ بشپ کي ٻڌايو ته سندس حڪوم?? اسلام ??ي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعا??مي?? ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي جيڪا اسلام ??ي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيندي جيڪا بين المذاهب هم آهنگي ۽ انسانيت جي پر??من گڏيل بقاءَ تي يقين ??کي ٿي. آرچ بشپ ان موقعي تي چيو ته مذهبي رواداري ۽ پر??من گڏيل بقاءَ وقت جي ضرورت آهي. ان کان اڳ آرچ بشپ جسٽن ويليبي پشاور جي آل سينيٽس چرچ ۾ آچر ڏينهن ميڙ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ??من ۽ مذهبي هم آهنگي جو پيغام ڏنو.