اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران علائقائي مي??ي ٽائيم سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي مي??ي ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز ۽ پاڪ بحريه جي ڪردار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ترجمان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ مي??ي ٽائيم چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه کي هر ممڪن حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي وزير ملڪي معيشت ۾ مي??ي ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت ۽ ان حوالي سان پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو. هن سامونڊي سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. امير البحر نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪرڻ تي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃ??ا. هن چيو ته پاڪ بحريه سدائين پنهنجي ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو تحفظ جاري رکندي.