راولپنڊي – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن وزيراعظم جي چين جي دوري تي تنقيد ڪئي، بدقسمتي سان انهن کي گڏيل ۽ گهڻ رخي دورن جي ??يجي تائين خبر نه آهي ۽ اهي پرڏيهي معاملن جا ماهر بڻجي ??يٺل آهن، عمران ??ان جي خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي، مخالف ڌر ڪالهه ٻه ڪلاڪ غور فڪر ڪيو، اهي ڪيترا به ڏينهن غور فڪر ڪن، ناڪامي انهن جو مقدر آهي، ڪالهه جي ??حفل ۾ شهباز شريف ۽ بلاول صاحب ماتم ڪري رهيا هئا، مريم نواز به ان محفل ۾ شامل ٿي ۽ هم پانڇ جي سيريز هلي، انهن جون چيخون آس??ان تي ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون ته وزيراعظم جو چين جو دورو ڪيترو ڪامياب ٿيو آهي، مخالف ڌر 5 فيبروري کي ”چور يڪجهتي ڏهاڙو“ ڊڪليئر ڪيو، انهن کي تمام جلد وڌيڪ دوائن جي ضرورت پوندي، بلاول ڀٽو لانگ مارچ ته پري شارٽ مارچ به نه ٿو ڪري سگهي، لانگ جي ??فظ ۾ جيتري هيجي آهي ايترا انهن وٽ ماڻهو به نه آهن جو اهي مارچ ڪري سگهن، وزيراعظم جو چين جو دورو ڪامياب رهيو، ان دوري جي ??تيجي ۾ معاشي استحڪام ايندو، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مستحڪم ٿي رهيا آهن جيڪي پاڪستان جي ??عيشت کي به بدلائي رهيا آهن. چين جي دوري تان وطن واپسي تي نور ??ان ايئر بيس تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران ??ان جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، جيڪا محبت ۽ گرمجوشي چين جي ??يادت ۽ عوام پاڪستان جي ??اءِ ڏيکاري آهي اها بي مثال هئي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن ان دوري تي اجائي تنقيد ڪئي، اهڙن ماڻهن کي گڏيل دورن ۽ گهڻ رخي دورن جي ??يجي تائين نه ٿي اچي بدقسمتي سان اڄ اهي پرڏيهي معاملن جا ماهر بڻجي ??يٺل آهن. هن چيو ته 20 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه چين ۾ آيل هئا، جهڙي طرح وزيراعظم عمران ??ان جو استقبال ڪيو ويو اهڙي طرح ٻين ملڪي سربراهن جو به استقبال ٿيو. هن چيو ته سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ چين جي ??اڻهن پاڪستان ٽيم جي ??اءِ جيڪا محبت ڏيکاري اها شايد ئي ڪنهن ٻي ٽيم جي ??اءِ ڏيکاري وئي هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ سرمائي راندين تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جا اتريان علائقا سوئيٽزرلينڊ کان وڏا آهن، هتي سرمائي راندين جي ??اءِ موقعا موجود آهن. هن چيو ته چين به سرمائي راندين ۾ اسان جي ??دد ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان جي دوري تي ڪجهه ماڻهن کي تڪليف آهي، گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ محفل ٿي جنهن ۾ شهباز شريف ۽ بلاول صاحب ماتم ڪري رهيا هئا، مريم نواز به اتي پهچي وئي ۽ هم پانڇ جي ڊراما سيريز هلي، انهن جون چيخون آس??ان تي ٻڌجي رهيون هيون، انهن جي چيخن ??ان اندازو لڳائي سگهجي ??و ته وزيراعظم جو چين جو دورو ڪيترو ڪامياب رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو جڏهن ته مخالف ڌر ”چور يڪجهتي ڏهاڙو“ ملهايو. هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي چورين تي پڙدو وجهڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، اهي علائقائي پارٽيون آهن، قومي سياست ۾ انهن جو ڪو ڪردار نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته بلاول ڀٽو لانگ مارچ ته پري شارٽ مارچ به نه ٿو ڪري سگهي، لانگ جي ??فظ ۾ جيتري هيجي آهي ايترا انهن وٽ ماڻهو به نه آهن جو اهي مارچ ڪري سگهن. هن چيو ته مخالف ڌر 13 هون ڀيرو لانگ مارچ جي ڪال ڏني آهي، جڏهن اهي پٺتي مُڙي ڏسن ٿا ته خبر پوي ٿي ته ڊرائيور ۽ گارڊز کانسواءِ ڪو ٻيو شخص لانگ مارچ ۾ موجود ئي ناهي هوندو. هن چيو ته هن ڀيري اسان ڪوشش ڪنداسين ته انهن کي ڪجهه ماڻهو به فراهم ڪيون ته جيئن انهن کي لانگ مارچ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي شهباز شريف جي گهر وڃي پنهنجو سرنڊر ڊاڪيومينٽ سائن ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي جو پنجاب ۾ ڪو سياسي ڪردار نه هوندو، اهڙي طرح شريف فيملي فيصلو ڪيو آهي ته انهن جو سنڌ ۾ ڪو سياسي ڪردار نه هوندو. هن چيو ته ان ??ان اندازو لڳائي سگهجي ??و ته انهن جي ??ستقبل جي سياست ڪيتري قدر اونداهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽس ۾ پئسن ۽ شهباز شريف جي ??ين اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آيا ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ??اڻ ۾ محبت وڌي وئي آهي. هن چيو ته شهباز شريف اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽس ??ان ٿيندڙ مني لانڊرنگ ۾ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويو جيڪو زرداري اومني گروپ جي ذريعي اختيار ڪيو هو، جڏهن چوري جا سمورا راز هڪ جهڙا هوندا ته انهن جون ملاقاتون به ٿينديون. هن چيو ته عمران ??ان ۽ پاڪستان کي الله تعاليٰ عزت ڏني آهي، چين جي صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي ??عاشي صورتحال ۽ سڌارن جي عمل کي ساراهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن کي چين جي ڪامياب دوري تي تڪليف آهي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت رهي ته انهن جي چوري جا پئسا ٻاهر نه رهي سگهندا، انهن جي تڪليف سامهون نظر ايندي، اهي پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران ??ان جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، ان جي ??تيجي ۾ معاشي استحڪام ايندو، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مستحڪم ٿي رهيا آهن جيڪي پاڪستان جي ??عيشت کي به بدلائي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران ??ان جي ازبڪستان جي صدر سان به ملاقات ٿي آهي، ازبڪستان جو صدر مارچ ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪا به سازش عمران ??ان جي خلاف ڪامياب نه ٿيندي، ڪالهه مخالف ڌر ٻه ڪلاڪ غور فڪر ڪيو، اهي ڪيترا به ڏينهن غور فڪر ڪن ناڪامي انهن جو مقدر رهندي. هن چيو ته مخالف ڌر سينيٽ ۾ اڪثريت ثابت نه ڪري سگهي، قومي اسيمبلي ۾ اهي تمام گهڻو پٺتي آهن، اهي ڪجهه به نه ڪري سگهندا، انهن جي حالت پتلي آهي، انهن کي وڌيڪ دوائن جي ضرورت پوندي. هڪ سوال تي هن چيو ته چين جي دوري تي ايم ايل ون منصوبي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ان کانسواءِ آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، چانور جي روانگي واپار سميت سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري قائم ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مجموعي طور تي 21 ڪلسٽرز تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. چين جي صدر ۽ وزيراعظم کي هڪ پيج بُڪ تيار ڪري ڏنو آهي، ان تي سيڪٽورل فريم ورڪ بڻجي ??يو آهي، انشاءَ الله ان تي تيزي سان اڳڀرائي ٿيندي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين پاران پاڪستان ??ان هڪ ملين ٽن چانور ۽ سيمنٽ ڪنڪر جي خريداري سان پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر واپار ذريعي حاصل ٿي سگهن ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته گوادر پورٽ تيار ٿي، ان کانپوءِ رستا تيار ٿيا، پاور پراجيڪٽ ٺاهيا ويا، هاڻي جيڪا ڪنيڪٽيويٽي تيار ڪئي آهي ان جي ساڄي کاٻي انڊسٽريون لڳڻيون آهن جيڪو هڪ مشڪل ۽ ڊگهو مرحلو آهي. هن چيو ته چين کي پاڪستان جي ??يادت ۽ پاڪستان جي ??يادت کي چين تي مڪمل اعتماد آهي، ٻنهي طرفن کان نجي شعبي کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن.