اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا ۾ پهرئين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان تح??يڪ انصاف جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي قومي قيادت تي ٻڏل 21 رڪني آئيني ڪميٽي پا??ٽي جي نئين تنظيمن جي باري ۾ بنيادي ڍانچو ٻيهر پيش ڪندي، تح??يڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پا??ٽي آهي جيڪا قومي پا??ٽي جو درجو رکي ٿي، پي ٽي آءِ ۾ خانداني سياست نه آهي عمران خان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ذاتي رشتن کي پنهنجي مشن تي حاوي نه ٿيڻ ڏنو، جمعي تي پاڪستان تح??يڪ انصاف جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان تح??يڪ انصاف جي سينئر قيادت جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان پا??ٽي جي سينئر قيادت سان مشاورت کانپوءِ پاڪستان تح??يڪ انصاف جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان تح??يڪ انصاف جي قومي قيادت تي مشتمل آئيني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پا??ٽي جي نئين آئين تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميٽي تنظيمن جي باري ۾ بنيادي ڍانچو به پيش ڪندي، هن چيو ته سينئر ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ نيون تنظيمون جوڙيون وينديون، هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي چونڊن ۽ پاڪستان جي عمومي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، تح??يڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پا??ٽي آهي جيڪا وفاقي پا??ٽي جو درجو رکي ٿي، هن چيو ته عمران خان وفاق جو ليڊر آهي، گوادر کان خيبر تائين ڪراچي کان لاهور تائين هر جاءِ تي سندس ووٽ بئنڪ موجود آهي، تح??يڪ انصاف کانسواءِ ڪا به ٻي پا??ٽي 1100 کان 1200 س??ٽن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ جي صلاحيت نٿي رکي، هن چيو ته پيپلزپا??ٽي اندورني سنڌ ۽ ن ليگ پنجاب جون پارٽيون آهن، تح??يڪ انصاف جي ميمبر جي حيثيت سان اسان تي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اسان وفاق جي ذميدارين کي دلچسپي سان انجام ڏيون، هن چيو ته پاڪستان تح??يڪ انصاف جي سياست متاثر ٿي ته ان سان پاڪستان جي سياست متاثر ٿيندي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي پهرين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ پاڪستان تح??يڪ انصاف جي پرفارمنس تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، وليج ڪائونسل جي چونڊن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان تح??يڪ انصاف هن وقت به خيبرپختونخوا جي سڀ کان وڏي پا??ٽي آهي، هن چيوته پي ٽي آءِ ۾ خانداني سياست نه آهي، عمران خان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ذاتي رشتن کي پنهنجي مشن تي حاوي نه ٿيڻ ڏنو، پيپلزپا??ٽي ۽ ن ليگ جو ڪلچر پي ٽي آءِ ۾ آيو ته ان ۾ ۽ اسان ۾ فرق نه رهندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ ميرٽ جي ابتر ٽڪيٽ ورايا ويا، وزيراعظم بلدياتي چونڊن ۾ آيل شڪايتن تي شديد ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته تح??يڪ انصاف کي جهڙي طريقي سان هڪ وڏي پا??ٽي جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهربو هو، هو خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ نظر نه آيو تنهن ڪري پاڪستان تح??يڪ انصاف جي چيئرمين پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت سان مشاورت کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پي ٽي آءِ جي سمورن عهديدارن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، پا??ٽي جي قومي قيادت تي ٻڌل نئين آئيني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ان ڪميٽي ۾ خيبرپختونخوا مان پرويز خٽڪ، محمود خان، مراد سعيد، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور شامل آهن. پنجاب مان هو پاڻ (فواد چوڌري)، شاهه محمود قريشي، حماد اظهر، خسرو بختيار، چوڌري محمد سرور، سيف الله نيازي، عامر ڪياني، عثمان بوزدار شامل هوندا. بلوچستان مان قاسم سوري، جڏهن ته سنڌ مان عمران اسماعيل ۽ علي زيدي ۽ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان اسد ع??ر ان ڪميٽي جو حصو هوندا. هن چيو ته ڪنهن رشتيدار کي ٽڪيٽ ڏيڻ جا معاملا ڏسڻ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي ويندي، اهڙا ڪيس هن ڪميٽي وٽ ايندا ۽ هو ڪميٽي ٽڪيٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي. هن چيو ته اسان جمهوريت جي لاءِ بلدياتي ادارن کي اهم سمجهون ٿا، خيبرپختونخوا ۾ ٻي مرحلي جي بلدياتي چونڊن لاءِ محمود خان کي ذميداري سونپي وئي آهي، ٽڪيٽ ڏيڻ جو هڪ ميڪنزم ٺاهيو ويندو، اهو ميڪنزم وزيراعظم جي منظوري سان ڏنو ويندو، پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي ٽڪيٽ جو فيصلو پاڪستان تح??يڪ انصاف جي سينئر ميمبرن تي مشتمل ڪميٽي وٽ ايندو، اها ڪميٽي مرڪزي سطح تي اميدوارن جو فيصلو ڪندي ته جيئن مقامي سطح تي ڪنهن قسم جي رنجش جهڙا معاملا شامل نه اچن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فنانس بل اسان جو ذاتي بل نه آهي، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ نٿا وڃڻ چاهين ته مخالف ڌر ان جو متبادل حل سامهون کڻي اچي، هن چيو ته اربين ڊالر جو قرض انهن ماڻهن پنهنجي دورن ۾ ورتو جيڪو اسان کي واپس ڪرڻو آهي، جيڪڏهن انهن وٽ ڪو متبادل نظام آهي ته هو کڻي اچن.