پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پخت??نخ??ا جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن اسان کي ان الميي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن انسانيت جي دشمنن معصوم شاگردن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. اي پي ايس جي شهيدن جو غم اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ هميشه زندهه رهند??. آ??مي پبلڪ اسڪول پشاور جي شاگردن ۽ استادن جي شهادت هميشه ياد رهندي. اه??و اظهار هن اي پي ايس جي 7 ورسيءَ جي موق??ي تي جاري بيان ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ پائيدار امن جو بنياد رکيو ۽ پوري قوم حڪومت ۽ ادارن کي گڏيل دشمن خلاف متحد ڪيو.