اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا مع??شي انگ اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آه??، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي مع??شي ترقي گذريل مالي سال کان به وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ميڪرو اڪنامڪ مشاورتي گر??پ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي موجودگي ملڪي مع??شي ۽ اقتصادي صورتحال، ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز ۾ سراسري بهتري، ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبابندي ۽ عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي باوجود مع??شي ترقي جي شرح کي وڌائڻ ۽ پائيدار بڻائڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته گذريل حڪومتن جي پيدا ڪيل مع??شي بحرانن ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري مع??شي مشڪلاتن جو بهترين مع??شي پاليسين سان مقابلو ڪرڻ تي عالمي سطح تي پاڪستان جي پذيرائي ٿي. ڪورونا وائرس جي وبا دوران جڏهن پوري دنيا جا ملڪ مع??شي مشڪلاتن جو شڪار هئا، حڪومت جي بهترين حڪمت عملي جي ڪري مع??شي ترقي جي شرح 3.9 رهي، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي پاڪستان جي مع??شي ترقي جي شرح ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو وي?? ته ملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ڪري گردشي قرضن ۾ گهٽتائي واقعي ٿي آهي، روينيو ۾ 35 سيڪڙو اضافو، جنهن ۾ صرف ٽيڪس جي مد ۾ ئي 32 سيڪڙو اضافو، روانگي واپار ۾ اضافو، وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار ۽ وي??يو ايڊيشن ۾ اضافو خوش آئنده آهي، صنعتي خام مال جي درآمد ۾ اضافو نه رڳو صنعتي تر??ي پر روانگي واپار ۽ مقامي کپت جي نتيجي ۾ روينيو ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندو. اجلاس کي ايگريڪلچر ٽرانفارميشن پلان تي اڳڀرائي ۽ ان جي ڪري پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي به تفصيلي آگاهه ڪيو وي??، ان کانسواءِ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ متوقع گهٽتائي جي ڪري عوام تائين رليف پهچائڻ ۾ مدد تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا مع??شي انگن اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن. حڪومت نه رڳو گذريل حڪومت جي وراثت ۾ ڇڏيل مع??شي بحرانن پر ڪورونا وائرس جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ مع??شي مشڪلاتن جو بهترين طريقي سان مقابلو ڪيو، وزيراعظم چيو ته هاڻي معيشت پائيدار ترقي جي طرف گامزن آهي، وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار، وي??يو ايڊيشن، روينيو ۽ روانگي واپار ۾ اضافو واضح ڪري ٿو ته حڪومتي مع??شي پاليسيون صحيح رخ ۾ جاري آه??، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي مع??شي ترقي گذريل مالي سال کان به وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. وزيراعظم مع??شي مشاورتي گر??پ جي ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ مع??شي رليف کي عوام تائين جلد پهچائڻ جا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، توانائي واري وزير حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ڊاڪٽر راشد امجد، ڊاڪٽر سيد سلمان شاهه، ثاقب شيراني، ڊاڪٽر اشفاق حسن خان، ناڻي واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ، ايف بي آر چيئرمين محمد اشفاق احمد، ناڻي ۽ اقتصادي واري وزارت جي صلاحڪار ڊاڪٽر امتياز احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين، سيد سليم رضا، ڊاڪٽر اعجاز نبي، ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري ۽ داڪٽر نديم الحق وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.