اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي سماجي ۽ اق??صادي ترقي جي لاءِ وسيع قدرتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن خيبرپختونخوا جي لاءِ جامع زراعت ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي چشمه رائٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خيبرپختونخوا جي صوبائي وزيرن تيمور سليم جهڳڙا، محب الله، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين خرم آغاز، ايف بي آر جي چيئرمين ڊ??ڪٽ?? محمد اشفاق احمد ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) جي لفٽ ڪم گريويٽي پروجيڪٽ جي تعمير ڏکڻ خيبرپختونخوا ۾ هڪ وسيع علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ هڪ حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندي. تڪميل کانپوءِ اهو منصوبو خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 3 لک ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪندي، اهو نه رڳو خطي ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پر وچ اوڀر ۾ زرعي پيداوار جي برآمد وڌائي ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. وزيراع??م لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو علائقي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ، ان سان نه رڳو علائقي جي آبادگارن ج?? آمدني ۾ اضافو ٿيندو پر غربت ۽ بک جي خاتمي، مقامي آبادي جي لاءِ بهترين تعليم، صحت جي بنيادي سهولتن ۽ ٻين شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي ماڻهن کي سماجي ۽ اق??صادي ترقي لاءِ موجود وسيع قدرتي وسيلن ج?? مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ چشمه رائيٽ بئنڪ لفٽ ڪينال (سي آر بي سي) جي ميگاڊولپمين?? پروجيڪٽ جي تعمير لاءِ متبادل مالياتي ماڊلز تي به خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي.