اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوب?? جي قبائلي علائقن ۾ بدامن?? جي ڪري معاشي سرگرميون تمام گهڻيون متاثر ٿيون آهن، اسان اتي معمول جون معاشي سرگرميون بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيا تائين نوان رستا کلندا جنهن سان خطي ۾ ترقي جو نئون دور ايندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ??رقي لاءِ قائم خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن جي ??دارت قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبل?? جي چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ معاشي سرگرمين جي ??حالي ۽ اتي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي ??ل لاءِ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ اسپيڪر ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي ??رقي جو معاملو ڪنهن حڪومت ۽ مخالف ڌر جو معاملو نه آهي اسان سڀني کي گڏجي ??ن جو حل ڪڍڻو آ??ي،
هن چيو ته ماضي ۾ فاٽا ۾ بدامن?? جي ڪري اتان جي معيشت بري طر?? متاثر ٿي، اسان کي ان معيشت کي بحال ڪرڻو آ??ي، ان ڏس ۾ اسان کي افغانستان جي ??ورتحال کي به ڏسڻو آ??ي، ان لاءِ انهن مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ضروري آ??ي، ان سلسلي ۾ حڪومت، مخالف ڌر ۽ پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ??رورت آ??ي، اسپيڪر چيو ته اسان کي ان علائقي کي گڏجي ??رقي ڏيڻي آهي ۽ گڏيل طور تي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ نئين حڪومت قائم ٿي آهي اسان خطي ۾ استحڪام چاهيون ٿا.
افغانستان ۾ امن کانپوءِ وچ ايشيا تائين رستا کلندا جنهن سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو نئون دور ايندو. اسپيڪر چيو ته فاٽا جي ??والي سان اسان 45 ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون مڪمل ڪنداسين، اهو ئي سبب آهي ته اسان 3 گروپ جوڙيا آهن ۽ جلد ئي ان حوالي سان وڏي ڪنوينشن جو انعقاد به ڪنداسين، هاڻ?? جيڪڏهن اسان اهو مسئلو نه ڪيو ته مستقبل ۾ ان جا سٺا اثر نه پوندا.