اسلام آباد – 22 8211; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??وڊن جي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معياري روڊن جي تعمير سان ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي انتظام هيٺ منصوب?? تي اڳ??را??ي جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن وارو ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چٽاڀيٽي وارو جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته اڳوڻي حڪومت جي ٽن سالن (16 -2013ع) ۾ صرف 645 ڪلوميٽر جا روڊ تعيمر ٿيا ۽ م??جو??ه حڪومت جي ٽن سالن ۾ ڪل 1753 ڪلوميٽر ڊگها روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن، منصوبابندي جي حوالي سان گذريل حڪومت جي دور جي ٽن سال ۾ صرف 858 ڪلوميٽر جڏهن ته م??جو??ه حڪومت جي ٽن سالن ۾ 6118 ڪلوميٽر ڊگهائي تي مشتمل روڊن جي منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي 27 منصوبا مڪمل ڪري وٺندي، بلوچستان ۾ 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ جي روڊن جي تعمير ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم جي پاڻ ڀاڙڻ جي ويزن موجب منصوبا قرضن بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي مڪمل ڪيا پيا وڃن، اجلاس کي راولپنڊي کان کاريان، ميانوالي کان مظفر ڳڙهه ۽ حيدرآباد کان ??کر روڊ?? تي اڳ??را??ي جي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته معاشي ترقي ۾ روڊن جو اهم ترين ڪردار آهي، هن چيو ته معياري روڊن جي تياري سان ڳوٺن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، بهترين روڊن جي ڪري گاڏين جي مرمت ۽ پيٽروليم منصوعات جي درآمد جي خرچ به گهٽ ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته مواصلات جي اهم ۽ وڏن منصوب?? تي روزاني جي بنياد تي اڳ??را??ي جو پاڻ جائزو وٺندس. هن هدايت ڪئي ته منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي.