اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪينسر بابت آگاهي ۽ جلد سڃاڻپ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن قدمن سان مرض جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان ۾ ڪينسر جي مرض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جن??ن کي روڪڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج جون مناسب سهول??ون ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪينسر جي ڪيسن خاص طور تي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪينسر ڪيئر اسپتال اينڊ ريسرچ سينيٽر لاهور جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر شهريار، پروفيسر ڊاڪٽر اريشه زمان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نبيله شامي به موجود هيون. پروفيسر ڊاڪٽر شهريار بريفنگ يندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 3 لک 53 هزار ماڻهو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن ??نهن مان صرف 71 هزار مريضن جي علاج ميسر آهي جڏهن ??ه ٻين کي علاج جون ناڪافي سهولتن جي ڪري ان کان محروم رهندا آهن، هن ڪينسر ڪيسر اسپتال اينڊ ريسرچ لاهور جي ڪا??يابين کي اجاگر ڪندي چيو ته ان جو ادارو مريضن جي بنا معاوضي علاج جون سهول??ون فراهم ڪندو آهي، صدر ڪينسر ڪيئر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر لاهور پاران ڪينسر جي مريضن جي بنا معاوضي علاج جي سهولتن کي ساراهيو.