اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ اهڙيون حالتون آهن جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن، طالبان تي پاڪستان جو اثرر??وخ آهي پر ڪنٽرول نه ??هي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان جي تجويز کي اڳ ۾ به نه ٻڌو ويو، وزيراعظم ع??ران خان اشرف غني کي چونڊون نه ڪرائڻ جي تجويز ڏني هي، اشرف غني وزيراعظم جي تجويز نه مڃي ۽ حالتون اڄ سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته افغان پناهگير اڃا تائين پاڪستان ۾ داخل ناهن ٿيا، افغانستان ۾ اهڙي صورتحال نه ??هي جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ حالتون مستحڪم رهن، پاڪستان جو طالبان تي اثرر??وخ آهي پر ڪنٽرول نه ??هي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪابل ايئرپورٽ جلد کان جلد کلي وڃي.