اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪس??ان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪاره دردانه بٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته دردانه بٽ اهڙي شاندار صلاحيتن واري فنڪار هئي جنهن کان ٻيا اداڪار به سکندا هئا. پنهنجي پرڪشش ش??صيت کانسواءِ هن پنهنجي فنڪاراڻي قابليت سان عوام ک??ن بي پناهه محبت ۽ داد وصول ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سندس لاڏاڻو شوبز انڊسٽري لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، هن دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي.