اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين داسو ڊيم جي تعمير لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ انجنيئرز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ اهو منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سا?? مستقبل ۾ ملڪ کي سستي بجلي دس??ياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن داسو ڊيم جي تعميراتي ??م جو جائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم زير تعمير ڊيم جي مختلف حصن ۽ ٽنل جو معائ??و ڪيو، هن چيو ته اهو هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن کي انجام ڏيڻ تي آئون غير ملڪي انجنيئرز سميت سمورن ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان منصوبي سان ملڪ کي سستي بجلي ملندي، ان طرح جا منصوبا گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهرجن ها ته جيئن ملڪ لاءِ سستي بجلي دس??ياب ٿئي ها. جهڙي طرح منگلا ۽ تربيلا مان ملڪ کي سستي بجلي حاصل ٿي ۽ پاڪستان جي صنعتن کي ان مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملي?? ۽ ??لڪ ترقي طرف گامزن ٿيو، وزيراعظم چيو ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.