پشاور – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آهي پر بدقسمتي سان قيام پاڪستان کان وٺي اڄ تائين ڪنهن قوم کي اهو خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، هو پشاور جي علائقي ريگي للمه ۾ صنعتي ورڪرز ??اء?? رهائشي منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي موجوده لهر فليٽ ٿي چڪي، احتياط جاري رکيو ته سياحت سميت سمورا شعب?? کلي ويندا، حقيقي فلاحي رياست جي حوالي سان مديني جي رياست جي مثال اسان جي سامهون آهي ته ڪهڙي طرح رسول ﷺ مديني جي رياست کي سڄي دنيا ??اء?? هڪ مثال بڻايو، هن چيو ته اهو ئي معاشرو هو جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو ته ملڪ ۾ قانون سڀني ??اء?? برابر هجي، انصاف تي ٻڌل معاشري قائم ٿئي ۽ قانون جي سامهون غريب ۽ امير ۾ ڪو فرق نه هجي، وزيراعظم چيو ته هو ملڪ کي 2 بنيادي اصولن تحت اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، هڪ قانون جي بالادستي ۽ ٻيو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيڻ جڏهن ته ان سان گڏ ئي معاشري جي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ سندس اولين هدف آهي. هن چيو ته پشاور ۾ صنعتي ورڪرز ??اء?? فليٽس جو منصوبو 2011ع کان ان ??اء?? رڪيل هو ته اهو غريبن ??اء?? بڻجي رهيو هو، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جيتوڻيڪ غريبن جي ڀلائي ۽ ترقي کي اوليت ڏيندي آهي ان ??اء?? ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچايو ويو آهي، هن چيو ته سندس ڌيان ڪمزور طبقي کي مٿي کڻڻ تي آهي ۽ هو ا?? حوالي سان ڪم کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، وزيراعظم چيو ته اسان ايندڙ اليڪشن جو نه پر قوم جي مستقبل جي ??اء?? سوچيو آهي، پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميداري ور??ي آهي، پنج سالن کانپوءِ ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪمزور طبقي کي اسان ڪيئن مٿي کنيو آهي، خيبرپختونخوا جي عوام پي ٽي آءِ کي ٻي مدت ??اء?? ان ??اء?? چونڊيو ته عالمي ادارن جي رپورٽ موجب خيبرپختونخوا واحد صوبو آهي جتي غربت ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي ۽ انساني ترقي تي ڪم ٿيو آهي، هن چيو ته اهي ڪرپٽ سياستدان جيڪي پڇندا هئا ته نئون پختونخوا ڪٿي آهي اهي ڏسي وٺن اسان جي ڪارنامن جي تصديق عالمي ادارا ڪري رهيا آهن.