اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته پاڪستان فلسطين جي مسئلي تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي، مسلمان امت ۾ فلسطين جي صورتحال تي تمام گهڻي بي چي??ي آهي، پاڪستان پهريون اسلامي ملڪ آهي جنهن فلسطين جي مسئلي تي تمام گهڻو سخت ۽ واضح موقف اختيار ڪيو، پاڪستان جي موقف کي پوري مسلمان امت تسليم ڪري ٿي، فلسطين کي مي??يڪ?? ايمرجنسي جي صورتحال درپيش آهي، پاڪستان فلسطين جي امداد ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت چار مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير گڏجي نيويارڪ ويندا، راولپنڊي رنگ روڊ کي اٽڪ رنگ روڊ بڻايو ويو، منصوبي جي الائنمينٽ جي تبديلي تي وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏنو، الائنمينٽ تبديل ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ غلام سرور خان ۽ ذوالفقار عباس بخاري ??و ذڪر نه آهي، ذوالفقار عباس بخاري ??اچ مڪمل ٿيڻ تائين پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني، اينٽي ڪرپشن ۽ لاڳاپيل ادارا معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪندا، شفاف چونڊن جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين لازمي آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي پنهنجي پوزيشن واضح نه ڪري ??هيون آهن، تحريڪ انصاف اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ چي?? جي سفارتي لاڳاپن جي 70 سال جي موقعي تي 70 رپين جو يادگاري ??ڪو جاري ڪرڻ ۽ ميسرز فلائي جناح سروسز لميٽيڊ کي ريگيولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائيسنس (پيسنجر اينڊ ڪارگو) ڏيڻ جي منظوري ڏني. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.