اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي اليڪٽرا??ڪ ووٽنگ مشينن (اي وي ايم) جي استعمال ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي سهولت لاءِ اختيار ڏيڻ بابت 2 آرڊيننس، سنڌ حڪومت جي درخواست تي سنڌ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ، عيدالفطر تي قيدين کي سزائن ۾ 90 ڏينهن معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي ??هي، سرڪاري ملازم نو??ري تان استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ ايم پي ون ۽ ايم پي ٽو اسڪيل حاصل ڪرڻ، آءِ پي پيز کي رهتن جي مد ۾ 40 سيڪڙو ادا ڪرڻ ۽ پاڪ سعودي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سپريم ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي اجلاس جي ڪارروائي بابت بريف??گ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان اجلاس شروع ٿيڻ تي هدايت ڪئي ته بزرگ ماءُ پيءُ جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم کي اليڪٽرا??ڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي راءِ جي حق جو اختيار ڏيڻ جي هوالي سان اڳڀرائي تي بريف??گ ڏني وئي.