اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابينا ??لڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ رجسٽريشن اٿارٽي قائم ڪرڻ، لاهور سميت 5 شهرن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي، ڪابينا جي سمري ۽ قانوني مواد جي ڊيجيٽلائيزيشن سان 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي، ڪابينا ۾ ڦيرڦار حتمي مرحلي ۾ آ??ي، مخالف ڌر جي ٽنهي پارٽين سان سڌارن تي ڳ??لهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون، مطالبن تي ڳ??لهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ڪو گروهه پاڪستان کي ڊ??ٽ??ٽ نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي ڪاغذي ڪارروائي جي ڊيجيٽلائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي.