اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) عوامي مسلم ليگ جي س??براهه ۽ گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جڏهن ته غريب ع??ام ۽ پگهاردار طبقي جي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جهڙي طرح وزيراعظم ختم نبوت جو ج??نڊ?? بلند ڪيو آهي الله پاڪستان ۾ عمران خان جو ج??نڊ?? بلند ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منطوري کانپوءِ ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ جي س??براهه شيخ رشيد احمد چيو ته ماضي ۾ مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو آهي ته ڏهه ڏهه، ٻارنهن ٻارنهن ماڻهن پوري نظام کي اپ سيٽ ڪيو. عمران خان تباهه حال معيشت کي جهڙي طرح سهارو ڏنو ۽ 20 ارب ڊ??لر جي خساري کي س??پلس ڪيو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته مون ماضي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪيو آهي پر انهن اهڙو ڪم نه ڪيو جهڙي طرح عمران خان ڪيو آهي. هن چيو ته اڍائي س??ل گذري ويا آهن، الله وزيراعظم کي نئين سياسي زندگي ڏني آهي. وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. جڏهن ته غريب ع??ام جي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جاگيردار ۽ صنعتڪار ڪنهن جا ناهن هوندا.