اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري/ بحالي جي حوالي س??ن اه?? اجلاس منعقد ٿيو. نجڪاري واري وزارت طرفان جاري تفصيلن مطابق اجلاس ۾ وزيراعظم جي توانائي با??ت مشير تابش گوهر، چيئرمين نيپرا، سيڪريٽري پاور ، سيڪريٽري نجڪاري ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪ?? ڪئي. واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي ۽ ڪابينه جي توانائي با??ت ڪميٽي ڊسڪوز جي حوالي سان لاڳاپيل وزارتن جي نجڪاري لاءِ سفارشون جوڙڻ جي هداي?? ڪئي هئي.