اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علائقائي واپار جي فروغ ۽ گوادر بندرگاهه سان گلگت بلتستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندو، جي بي ۾ سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي جي ترقي ل??ءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي ل??ءِ قدم جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ??شم??ر ۽ گلگت معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، گلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر سيد امجد علي زيدي ۽گلگت بلتستان اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر به موجود هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گلگت بلتستان کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. گلگت بلتستان بي پناهه قدرتي حسن جو ??الڪ آهي، سياحت جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ تازيون چونڊون شفاف انداز ۾ منعقد ٿيون، گلگت بلتستان ۾ فور جي سهولت ۽ انٽرنيٽ جي فراهمي ل??ءِ فنڊز جلد مهيا ڪنداسين. هن چيو ته آن لائن تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي انفرااسٽرڪچر جلد تعمير ڪيو ويندو.